آفندي باغ حيدرآباد

آفندي باغ حيدرآباد: ٽنڊي آغا، حيدرآباد ۾ پاڪستان جي قيام کان اڳ آفندي باغ هوندو هو. جنهن کي ’تروٽ جو باغ‘ به چيو ويندو هو، ڇو ته هي باغ انگريز عملدار ڪرنل تروٽ ٺهرايو هو. تروٽ کان اهو باغ پوءِ خانبهادر حسن علي آفنديءَ خريد ڪيو ۽ اتي رهائش اختيار ڪيائين، جنهن ڪري اڳتي هلي هن باغ تي ’آفندي باغ‘ نالو پئجي ويو. هيءَ باغ پنهنجي دور ۾ ڪافي عروج تي هو ۽ شهرين جي تفريح جو مرڪز هوندو هو. هن باغ ۾ کجين جا ڪيترا وڻ هوندا هئا. هن وقت هيءُ باغ مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي ۽ فليٽ ۽ گهر ٺهي ويا آهن اڄڪلهه هي علائقو ’آفندي باغ‘ نه پر ’آفندي ٽائون‘ جي نالي سان مشهور آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو